چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل

چاندي فقير ڀيل (فنڪار): سنڌ جو مشهور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، 10 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. سندس مائٽ مسڪين ۽ هر هاري هُئا. جيڪي بعد ۾ لڏي اچي تعلقي کپري ۾ رهيا ۽ چاندي فقير کي ڪو نه پڙهايائون. هي ننڍپڻ کان شادين مُرادين ۽ ميلن ملاکڙن ۾ کڙتال (چپڙي) کڻي، پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي ناچ ڪري ماڻهن کان داد حاصل ڪندو رهيو. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڀٽ شاهه جي ميلي بعد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کيس ميڊيا تي متعارف ڪرايو. ان بعد ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ جي معرفت ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. هٿن ۾ کڙتال ۽ پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي، پنهنجي فن جو مظاهرو هن انداز سان ڪندو آهي. (1) لابارو ڪرڻ (2) ڇڙائي وورائي ڪرڻ (3) جنڊ پيهڻ (4) کير ولوڙڻ (5) گاهه لُڻڻ ۽ (6) سنڌي جُهومر هڻڻ وغيره. هي علڻ فقير، عبدالواحد جمالي، حسين بخش خادم، اقبال جوڳي، الهه بچايي کوسي، غوث بخش بروهي ۽ ٻين سنڌ جي مشهور فنڪارن سان گڏ پرڏيهه ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. چاندي فقير تعلقي کپري ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.10  عيسوي

سنڌ جو مشهور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، 10 آگسٽ 1954ع تي ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديدار حسين خان
اڪبر بروهي
آزاد صوفي گائڪ
عبدالغفور سومرو
سيال خادم حسين
الهه وسائي
سترام روهڙا
سڄڻ مڱڻهار
عالم ڪارو
سينگار علي سليم
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون